بدين /تلهار (نمائندن وٽان) سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ، سامونڊي پٽي تي والار، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، پاڻي تي ڌاڙن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ٻين سنڌ دشمن سازشن خلاف 15 آڪٽوبر تي بدين شھر ۾ اعلانيل احتجاجي ريلي جون تياريون تيزي سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماڻڪ ٽالپر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دلدار نوحاڻي، هري لال ۽ ٻين بدين ضلعي جي تعلقي تلهار جي آس پاس جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ڳوٺاڻن ۽ مختلف سياسي سماجي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته غير قانوني افغانين کي بنا دير واپس موڪليو وڃي، افغانين جي سهولتڪارن خلاف قدم کنيا وڃن، افغاني پاڪستاني پاسپورٽ ٺاهي دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيل آهن انھن غير قانوني غير ملڪين کي پاسپورٽ ٺاهي ڏيندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.