ڪراچي (پ -ر) : سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرز جو اجلاس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ ڪميشن سنڌ پوليس جي ڪردار تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي رستم انڍڙ، جان محمد مهر قتل ڪيس، زبير انجم، ايس ايم عسڪري، ۽ شفيق مهر تي به رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ پنوعاقل جي صحافي رستم انڍڙ تي بااثر ماڻهن پاران فرض سرانجام ڏيڻ دوران تشدد جو معاملو اٿاريو ويو، جنهن تي ڪميشن لاڳاپيل ايس ايس پي کي فوري طور رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.سکر جي صحافي جان محمد مهر جي قتل بابت رپورٽ پيش ڪئي. ۽ قاتلن جي اڃا تائين گرفتاري نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي سکر کي ايندڙ اجلاس ۾ پيش رفت رپورٽ طلب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي ڪميشن پاران طلب ڪيل رپورٽن ۾ دير تي صوبائي گهرو کاتي ۽ سنڌ پوليس جي روين تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبر ڪي، يو، جي، جي صدر فهيم صديقي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي مان زبير انجم ۽ ايس ايم عسڪري جي اغوا سميت ٽن صحافين جي ڪيسن بابت آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي جيڪا اڃا تائين ڪميشن کي نه موڪلي وئي آهي. هن چيو ته گهرو کاتو به ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري رهيو آهي. اجلاس ۾ ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) رشيد اي رضوي اجلاس ۾ موجود گهرو کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري آفتاب بوزدار کي پڪ ڪرائي ته گهرو کاتي پاران ان ڳالھه کي يقيني بڻائي ته ڪميشن آءِ جي سنڌ پوليس کان جيڪي رپورٽون طلب ڪيون آهن، اهي سموريون رپورٽون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ڳڙهي ياسين جي صحافي شفيق احمد مهر جي معاملي تي لاڳاپيل پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمٰن ميمڻ، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ، سيڪريٽري هيومن رائٽس جاويد صبغت الله مهر، گهرو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري آفتاب بوزدار، ايڇ آر سي پي جي ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر توصيف احمد خان، اي پي اين ايس کان ڪميشن ميمبر قاضي عابد، ايپنڪ ميمبر فريد الدين ۽ ڪميشن سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي شرڪت ڪئي