ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪري جي وڏي آبادي رکندڙ شھر ليٽ اسٽاپ تي افغاني ڀڄايو ريلي وڏي انگ ۾ شھري شريڪ سول سوسئياٽي جي سڏ تي مين سم اسٽاپ کان سولنگي پمپ تائين ريلي افغاني ڀڄايو سنڌ بچايو سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جا نعرا هنيا ويا، ينگ سوشل نيٽورڪ جي اڳواڻن عبدالرزاق ڪلمتي، علم الدين رند، وائيس چئيرمين فيصل خاصخيلي، عامر رند، حاڪم خاصخيلي شھباز رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار افغانين کي فوري طور تي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ان ميرپور ساڪرو، گھارو ليٽ اسٽاپ ٻھارا ۽ ٻين ۾ افغاني وڏي پيماني تي موجود آهن پر ميرپور ساڪرو پوليس به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي افغاني ماڻهن کي داٻا ڏئي رهيا آهن، سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري وڌي وئي آهي، هنن جو چوڻ هو ته غيرقانوني افغاني منشيات ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ۾ ڏوھن ۾ ملوث آهن، ھنن صوبائي گھرو وزير حارث نواز کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ساڪرو ليٽ ٻھارا مان افغانين کي ڪڍيو وڃي.