اسلام آباد(م ڊ) يورپي يونين چيو آهي ته فلسطينين خلاف اسرائيلي حڪومت پاران کنيل ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ان جي ابتڙ آهن يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي ڪمشنر جوپ بوريل گذريل ڏينهن اومان يورپي يونين ۽ نار سهڪار ڪونسل (جي سي سي) جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل وٽ پنهنجي دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق آهي پر اهو عالمي قانون موجب هجڻ گهرجي هن شهرين تي ڪنهن به حملي ڪرڻ جي مذمت ڪندي فوري طور تي يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي قانون جو احترام ڪري ۽ غزا جي شهري آبادي کي خوراڪ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ نه وجهي،