ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايس پي شاهه محمد ۽ ڊاڪٽر دلشاد جي هاءِ پروفائيل قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج رئيس مما کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد سزا خلاف اپيل تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته پراسيڪيوشن ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي رئيس مما کي ڪيس مان آجو قرار ڏنو وڃي ٿو، ايس پي شاهه محمد ۽ ڊاڪٽر دلشاد کي مئي 2012 ۾ ڪورنگي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو هو، ايس پي شاهه محمد 1990 ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪراچي ۾ جاري آپريشن ۾ حصو ورتو هو، قتل ڪيس ۾ نامزد رئيس مما کي ملائيشيا مان گرفتار ڪري پاڪستان آندو ويو هو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت رئيس مما کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، قتل ڪيس ۾ نامزد ايم ڪيو ايم جا اڳوڻا عهديدار آصف لمبا ۽ اعجاز قادري به ڪجهه سال اڳ ثبوت نه ملڻ سبب بري ڪيا ويا هئا.