ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا سڄي سنڌ جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سينٽرل پوليس آفيس ۾ مفرور ۽ گهربل جوابدارن جي حوالي سان ٿيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن جي ڏوهن جي رپورٽ تي آءِ جي سنڌ آفيسرن کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت ٻين آفيسرن تي ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو اظهار ڪندي الٽي ميٽم ڏنو ته 2 ڏينهن جو وقت آهي پوءِ ڪنهن کي شڪايت نه ڪرڻ گهرجي، هن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي چيو آهي ته پوسٽن تان هٽائڻ کان پوءِ شڪايتون نه ڪن، پئسن جي تمام گهڻي لالچ اٿو ته ، ان ڪري 10 کان 15 لک رپيا موڪلي ڇڏيندس توهان کي ، جتان اسمگلنگ جو سلسلو هلي رهيو آهي، سڀني کي خبر آهي، اهو ڪم ڪٿي ٿي رهيو آهي، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پي کي فون ڪري آگاهه ڪيو ويو آهي