اسلام آباد(م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي مليحه لوڌي جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال انتهائي سنگين ٿي چڪي آهي، عالمي سطح تي جنگ بندي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، سلامتي ڪائونسل جو اجلاس به بنا نتيجي ختم ٿيو.ليحا لوڌي چيو ته اسرائيل تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان کي گهرجي ته اسرائيل خلاف سخت بيان ڏئي ۽ غزه ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آواز اٿاري.مليحا لوڌي چيو ته اسرائيلي اختيارين جي بيانن مان لڳي ٿو ته هو ڪنهن به فلسطيني کي جيئرو نه ڇڏيندا.