ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ هڪ سال کان ٽن ٻارڙن جي والد عمران جي گم ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته جاچ آفيسر کي جيل وڃڻو پوندو، جاچ آفيسر چيو ته جنهن تي شڪ هو ان کان چار ڀيرا جاچ ڪئي وئي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ڇا گهروارن جي سامهون جاچ ڪئي وئي آهي، عدالت جاچ آفيسر کي گم ٿيل عمران جي آزادي لاءِ آخري موقعو ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار بشريٰ چيو ته اسان غريب آهيون، پختون آباد منگهو پير ۾ رهندا آهيون، منهنجو پٽ ٻارن جا رانديڪا وڪرو ڪندو هو، ان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي.