سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ خلاف ريلي

ڄامشورو(ڊر) سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيم جساف طرفان تعليمي ادارن اندر شاگردياڻين کي  هيسائڻ وارن واقعن خلاف آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ کان سينٽرل لائبريري تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شاگردن ۽  شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جن هيسائڻ وارن واقعن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جساف اڳواڻن علي رضا بروهي، اسلم سنڌي، مهراڻ علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي، شاگردياڻين کي مارڪون ڏيڻ جي مد ۾ هراسان ڪري لاڳاپن لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي، جيڪو عمل انتهائي شرمناڪ آهي، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قائم ادارن کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي، هن چيو ته  استادن کان امتحاني ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جو اختيار واپس وٺي شاگردياڻين کي تحفظ ڏنو وڃي، شاگردياڻين کي مختلف طريقن سان هيسائڻ ۾ ملوث استادن، ملازمن، آفيسرن توڙي شاگردن خلاف ڪارروائي ڪري تعليم پرائڻ لاءِ ايندڙ نياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.