ڄامشورو (ڊ ر) ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ بابت نڪتل ريلي ۽ ٽي وي چينلز تي هلندڙ هراسمينٽ جي خبرن تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار واضح ڪيو آھي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ هراسمينٽ جو اھڙو ڪو به واقعو پيش نه آيو آھي، ٽي وي چئنلز تي نشر ڪيل خبرن ۾ ڪا به صداقت ناھي، من گھڙت خبرون ھلائي يونيورسٽي جو اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش تي رھي آھي، پنھنجي بيان ۾ رجسٽرار چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اينٽي ھراسمينٽ ميٽي ڪم ڪري رھي آھي، جنھن وٽ ھڪ موثر مڪينزم موجود آھي ۽ ڪنھن به شڪايت جي صورت ۾ ڪميٽي معاملي جي تھ تائين پھچندي ان ڳالهھ کي يقيني بڻائيندي آھي ته ھر شاگرد ۽ شاگردياڻي مڪمل طور محفوظ ھجي، ھن چيو ته ھراسمينٽ جي حوالي سان اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽيءَ کي زباني يا لکت ۾ ڪابه شڪايت موصول نه ٿي آھي، بدقسمتي آھي ته ڪجھه مقامي صحافين تصديق بنا پنھنجي طور غلط خبر ھلائي آھي، هن چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ يونيورسٽي ۾ گرلز ريسڪيو سينٽر پڻ ھڪ ڊي ايس پي سطح جي پوليس آفيسر جي سربراهي ۾ متحرڪ انداز ۾ ڪم ڪري رھيو آھي.