اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان ”بيٽ“ واپس وٺڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن ڪئي. استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري جو وڪيل پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ کي ”بيٽ“ جو نشان نه ڏنو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پي ٽي آءِ کي اڳ ئي ”بيٽ“ جو نشان ملي چڪو آهي. بعد ۾ اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
سرڪاري ادارن ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم جي حوالي سان عدالت جو ڌرين کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري کاتن ۾ دير سان اچڻ واري ملازمن ۽ گوسٽ ملازمن جي بايو ميٽرڪ سسٽم لازمي ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ سميت ٻين کي 9نومبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار شهري پنهنجي موقف ۾ چيو ته سمورن سرڪاري کاتن ۾ ملازمن جي بايو ميٽرڪ لازمي ڪيو وڃي، خاص طور تي بلدياتي ۽ صحت کاتي ۾ بايو سٽسم لازمي هجڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، ڦورو مارجي ويو، اهلڪار زخمي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي الڳ الڳ علائقن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران هڪ ڦورو مارجي ويو هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو 5 ڦورو زخمي، زخمي ڦورن سميت 7 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي لانڍي ال حسن بس اسٽاپ ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڦورو زخمي ٿي پيا لانڍي پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس علائقي ۾ گشت ڪري رهي هئي ته ڦورن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي ڪاروائي ۾ 2 ڦورو زخمي ٿي پيا زخمين ڦورن کي گرفتار ڪري علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن جي سڃاڻپ فضل ولد يونس ۽ ٻئي جي مھتاب شاھ ولد اسماعيل شاهه طور ٿي آهي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پستول لوڊ ميگزين 4 ڦر ڪيل موبائل فون، روح رقم هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي ڪلفٽن بوٽ بيسن واري علائقي سن رائيز اپارٽمينٽ ويجهو پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.