موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل: نوابشاهه ۽ مٽياري جي سياسي شخصيتن کي حصو پتي ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سکر-حيدرآباد موٽر وي ايم اسڪينڊل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي موبائل فونن مان ڪرپشن جي رقم ورهائڻ جا ثبوت مليا آهن.

نيب اختيارين موجب ايم 6 موٽر وي اسڪينڊل  ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد ۽ اسلم پيرزاده جي موبائيل ايس ايم ايس ۽ وائس رڪارڊ ڪيل پيغامن جي فرانزڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.

نيب اختيارين موجب گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن جي موبائيل فرانزڪ مان ڪرپشن جي رقم ورهائڻ جا ثبوت مليا آهن.نيب اختيارين موجب گرفتار جوابدارن جا نواب شاهه ۽ مٽياري جي سياسي شخصيتن سان رابطا هئا، جوابدارن ڪرپشن جي رقم سياسي ماڻهن ۾ به ورهائي.نيب اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته هو فرانزڪ رپورٽ جي ڪاپي احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائيندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 11 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.