پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغانين کي تنگ نه ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(م ڊ) سيفران واري وفاقي وزارت افغان پناهگيرن جي ڪمشنر کي خط لکي لاڳاپيل ادارن کي آگاهي ڏني آهي ته  پاڪستان ۾ رهندڙ رجسٽرڊ افغانين کي گرفتار نه ڪيو وڃي، خط ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرڊ افغان پناهگير پاڪستان مان رضاڪارانه طور واپس ايندا.خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي آر او ۽ اي سي ڪارڊ رکندڙ افغان پناهگيرن کي گرفتار نه ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار ۽ تنگ نه ڪن.

پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي جي گهران لکين رپين جي چوري

ڪراچي (رپورٽر ) پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سعديه جاويد جي گهر ۾ ملازمت ڪندڙ عورت  لکين رپيا روڪ رقم ۽ سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي وئي . تفصيل موجب گهريلو ملازمه پ پ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر سعديه جاويد جي گهر مان 85 لک رپين جو سون ۽ 5 لک رپيا روڪ رقم چوري ڪري ويا. درخشان ٿاڻي تي چوري جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن موجب 6 آڪٽوبر تي گهر جي ملازمه 7 آڪٽوبر تي ساڍي 3 وڳي ڪم تان واپس آئي ته کيس چوري جي خبر پئي. سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ايس ايڇ او ٽن ڏينهن کانپوءِ مون سان ملاقات ڪئي، ايم پي اي هجڻ باوجود پوليس جو رويو اهڙو ئي رهيو، جوابدار کي پڪڙڻ لاءِ مون کي وظيفو پڙهڻ جو مشورو ڏنو هو هن چيو ته وظيفي ذريعي چور پڪڙڻا آهن ته پوليس جو ڪهڙو ڪم آهي علائقي ۾ چوري جون وارداتون وڌي ويون آهن

اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جو غزا ايڪتا مارچ

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي اسلام آباد پاران فلسطين جي حق ۽ اسرائيل خلاف ”غزه يڪجهتي مارچ“ منعقد ڪيو ويو، جنهن  ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستاني جهنڊن سان گڏ فلسطيني جهنڊا کنيا.جماعت اسلامي جي اڳواڻن چيو ته او آءِ سي جو اجلاس سڏائي پنهنجو وجود ثابت ڪري،فلسطينين سان ايڪتا لاءِ اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي پاران غزا ايڪتا مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جماعت اسلامي جي اڳواڻن چيو ته جڏهن اسرائيل 2 لک 50 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ته دنيا خاموش هئي،هاڻي اسرائيل جو نقصان ٿيو آهي ته سڀني کي هوش آيو آهي،

9 مئي واقعن ۾ ملوث 10 جوابدار جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل حوالي

راولپنڊي(م ڊ) دهشتگردي جي خاتمي واري راولپنڊيءَ جي خصوصي عدالت  جو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث 10 ملزمن کي جڊيشل  رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پوليس طرفان ملزمن جي جسماني رمانڊ تي واڌ جي گذارش رد ڪري ڇڏي. سول لائن ٿاڻي جي پوليس هلندڙ سال 9 مئي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو

ڀارتي فوجين جي جعلي مقابلي ۾ 2 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر(م ڊ) ڀارتي فوجين رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران ڏکڻ ڪشمير جي شوپيان ضلعي ۾ ٻن ڪشميري  نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي فوجين ۽ پئراملٽري فورسز جي اهلڪارن ضلع جي علائقي آشي پوره ۾ گهيراءَ ۽ ڳولها جي ڪارروائي دوران نوجوانن کي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪيو. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ فوجي آپريشن جاري هو.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان آءِ جي سنڌ جي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز چوهاڻ کان سنڌ دفتر ۾ ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ بلدياتي  چونڊن جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن جي سيڪيورٽي بابت به مشاورت ڪئي وئي، آءِ جي سنڌ اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي بلدياتي چونڊن ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.