ماڙي جلباڻي سانحي ۾ انصاف نه ٿيڻ خلاف جسقم آريسر جا سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا) ڳوٺ ماڙي جلباڻي چڙھائي ۾ قتل ٿيل پورھيتن ۽ زخمين واري واقعي ۾ ملوث اھلڪارن کي گرفتار  ڪرڻ ۽ پرامن طور انصاف جي حاصلات لاءِ پرامن 250 ڳوٺاڻن تي سرڪار پاران ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم آريسر گروپ پاران ۽ ٻين  قومپرست اڳواڻن غلام علي ڪيريو، مشتاق لغاري ، عالم ڪيريو جي اڳواڻي ۾  ميڊيا سينٽر سڪرنڊ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ بيگناھ پورھيت ڳوٺاڻن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري شھيد ڪرڻ سميت ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ واقعي کي 13 ڏينھن گذري ويا آهن پر ھن مھل تائين ملوث اھلڪارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناھي ڪئي وئي جڏهن ته سرڪار پاران بيگناھ پورھيت ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن جسقم آريسر گروپ پاران مٽياري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي تاج حيدر درس، علي حيدر ترڪ ڪري رهيا هئا جن جو چوڻ هو ته سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي رياست پاران هر هنڌ سنڌي ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جو تازو مثال ماڙي جلباڻي واقعي ۾ چئن ماڻهن کي گوليون جو کاڄ بڻائڻ آهي، وري انصاف اهو آهي انهن مقتولن جي وارثن مٿان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي نه ته جسقم آريسر گروپ پاران پوري سنڌ اندر احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ٽنڊي محمد خان ۾ عبدالخالق خاصخيلي ، ضلعي صدر شاھ فهد ڀٽي ، عبدالرزاق ، راجيش ٺاڪر ، سڪندر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ڦليلي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، اڳواڻن چيو ويو ته ماري جلباڻي واقعو سنڌ ۾ بهاول زئور واري واقعي کانپوءِ ٻيو وڏو قتل عام جو واقعو آهي جنهن ۾ اهلڪارن بنا ڪنهن سبب چڙهائي ڪري 4 سنڌي پورهيت نوجوان بيدردي سان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيا ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.