والاريل بيت المقدس(م ڊ) حماس جي ترجمان خالد قدومي چيو آهي ته جيستائين مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي ختم نه ٿيندي ۽ اسرائيل اسان جا مطالبا قبول نه ڪندو تيستائين ڪو معاهدو ڪيئن ٿي سگهندو؟حماس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري اسرائيلي ظلمن خلاف اسان جو ساٿ نه ڏنو، دنيا هاڻي هوش ۾ اچي وئي آهي ته اسرائيل نقصان کائي چڪو آهي. ترجمان چيو ته اسان پنهنجي آزادي لاءِ وڙهي رهيا آهيون ۽ اسان کي دنيا کي اسرائيل جي ڏوهن کان آگاهه ڪرڻو پوندو.