نگران وڏي وزير بن قاسم اسڪول جي هيڊماستر، سکن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ملير ضلعي جي 50 بسترن واري اسپتال، سيڪنڊري اسڪول بن قاسم، پوليس اسٽيشن سکن ٿاڻو ۽ ويٽرنري اسپتال ڀينس ڪالوني جو اوچتو دورو  ڪيو ۽ ان دوران اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، اسڪول جي هيڊ ماستر، سکن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت هيڊ محرر کي ڪارڪردگي ۽ ڪم ۾ عدم دلچسپي تي معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ويٽرنري اسپتال جي انچارج ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف پڻ جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. لانڍي اسپتال جي دوري دوران وڏي وزير ڏٺو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر ته آهن پر آپريشن ٿيٽر مڪمل ريت غير فعال هو وڏي وزير جڏهن فارميسي جو دورو ڪيو ته درد ختم ڪرڻ واري دوا کانسواءِ باقي دوائون لڳ ڀڳ ختم هيون. اسپتال ۾ ڪوبه وارڊ نه هو ۽ سڀ بسترا مٽيءَ ڄمڻ سبب زنگ لڳل هئا. اسپتال ۾ ٽيڪنيشنز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي کوٽ هئي جيتوڻيڪ ان ۾ ايمبولينس هئي پر ڊرائيور نه هو. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالله بروهي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن اسٽاف جي کوٽ ۽ مسئلن بابت صحت کاتي کي رپورٽ نه ڪيو آهي. ڪجهه مريضن وڏي وزير کي شڪايت ڪئي ته حسن جان نالي هڪ مقامي ماڻهو اسپتال ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪري ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملي کي تنگ ڪري رهيو آهي. وڏي وزير ايس ايس پي کي هدايت ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي نگران وڏي وزير جسٽس باقر وزير صحت سان گڏ پي پي ايڇ آءِ جي انتظام هيٺ بي ايڇ يو جمعه حمايتي ڳوٺ ڊسپينسري جو دورو ڪيو. ڊسپينسري ۾ دوائن جي کوٽ ۽ انتظاميا پاران صفائي نه آهي. وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد نياز کي هدايت ڪئي ته هو پي پي ايڇ آءِ جي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪري کين آپريشن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري. هن سکن پوليس اسٽيشن جي اوچتو دوري دوران ڏٺو ته سندس ٽن موبائيل گاڏين مان هڪ گاڏي خراب هئي جيڪا پوليس اسٽيشن جي دروازي تي سرن تي بيٺل هئي. وائرليس روم جو دورو ڪرڻ جي موقعي تي وڏي وزير ڏٺو ته وائرليس سسٽم خراب آهي. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته موبائيل ۾ وائرليس سيٽ ناهي وڏي وزير ليڊي پوليس اهلڪارن جي حاضري چيڪ ڪئي ته خبر پئي ڪافي عرصي کان غير حاضر رهيون آهن. وڏي وزير ايس ايس پي ملير کي ليڊي پوليس ڪانسٽيبلن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نه ته وائرليس سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي موبائيل گشت تي آهي جڏهن ته اڪثر پوليس اهلڪار ڊيوٽي کان غير حاضر آهن وڏي وزير ٿاڻي جي ايس ايڇ او ملڪ ابڙو ۽ هيڊ محرر کي معطل ڪري ڇڏيو. گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول بن قاسم جي دوري دوران. وڏي وزير محسوس ڪيو ته اسڪول جي هيڊ ماستر شوڪت عمراڻي کي استادن ۽ اسڪول ۾ پڙهايل مضمونن جي ڪابه ڄاڻ ناهي. وڏي وزير چيو ته اسڪول جي صفائي سٿرائي ۽ سارسنڀال جي صورتحال خراب آهي وڏي وزير جي سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي هن هيڊماستر شوڪت عمراڻي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ويٽرنري اسپتال لانڍي، ڪيٽل ڪالوني ۾ اسپتال ۽ ليب جي حالت انتهائي خراب ڏٺي جنهن تي وڏي وزير ترت جاچ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.