اسلام آباد(م ڊ) اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان اڊيالا جيل ۾ پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو. اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي ايس پي جيل چيو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت گرفتار جوابدارن سان پرڏيهه ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. عدالت ايس پي اڊيالا جيل کان قيدين سان فون تي ڳالهائڻ بابت جيل ايس او پيز طلب ڪري ورتا.
جماعت اسلامي وفد جي آءِ جي سان ملاقات، بدامني تي ڳڻتي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد پوليس سينٽر ۾ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار سان ملاقات ڪئي ،وفد سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ، اغوا ڌاڙيل راڄ ، قبيلائي جهيڙن توڙي صحافي جان محمد مھر ، ٺل جي واپاري حافظ معظم نوناري ،تعليمي ماھر پروفيسر اجمل ساوند معروف عالم دين مفتي ضياء الرحمان توڙي معصوم نياڻين فاطمه ڦرڙو ،نازيا چنا ۽ حسينه کوسو جي قاتلن جي عدم گرفتاري تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته ھن وقت سڄي سنڌ خاص طور تي ڪشمور،گهوٽڪي ، شڪارپور،جيڪب آباد،سکر ،خيرپور ضلعا بدامني جي باھ ۾ ٻري رھيا آھن . ڪنھن به شھري جي جان مال محفوظ ناهي وفد ۾ صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا ، عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب الله جکرو ۽ مجاھد چنا پڻ شامل ھئا . هن وڌيڪ چيو ته صرف ڪراچي ۾ گذريل سيپٽمبرمھيني ۾ سي پي ايل سي جي رپورٽ مطابق 62 ماڻھو قتل جڏھن ته اسٽريٽ ڪرائم جون 8 ھزار 70 وارداتون رپورٽ ٿيون آءِ جي سنڌ جماعت اسلاي جي وفد کي يقين ڏياريو ته پوليس جي پھرين ترجيح سنڌ ۾ امن ۽ شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت آھي
ڪراچي ۾ سرڪاري کاتي جا 71 لک رپيا ڦر
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ سرڪاري کاتا ڦورن کان غير محفوظ ڦورو 71 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا صدر پوليس موجب ڦر ڪيل رقم سرڪاري کاتي اوور سيز ايمپلائمينٽ کاتي جي هئي ڪراچي جي جناح اسپتال لڪي اسٽار ڏانهن ويندڙ پل تي ڦورو 71 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا رقم ڪار جي ڊگي ۾ رکيل هئي 6 وڌيڪ موٽرسائيڪلن تي سوار ڦورن ڦر ڪئي ڦورو سرڪاري دستاويز به ساڻ کڻي ويا جڏهن ته پوليس هن وقت تائين جوابدارن گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي .