نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، پنهل ساريو جي بغاوت ڪيس ۾ ضمانت منظور

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر ۾ ڌرڻو هڻڻ تان داخل ڪيل ڪيس ۾ سکر جي سيشن ڪورٽ قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو، نياز ڪالاڻي   ۽ پنهل ساريو جي 50 50 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ رياض چانديو، نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ٻين وڪيل شبير شر معرفت ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ سکر جي عدالت ۾ ضمانت درخواست داخل ڪرائي، ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ جي جج ڌرڻو ڪيس بابت ضمانت واري درخواست منظور ڪئي، قومپرست اڳواڻن مٿان سکر ۾ سنڌ مان افعانين جي نيڪالي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نياز ڪالاڻي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي، اڄ به اسان ساڳيا مطالبا ڪري رهيا آهيون، شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جا سمورا جوابدار گرفتا ٿين ۽ پريا ڪماري سميت سمورين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، سنڌ کي پنهنجا وسيلا ۽ حق ڏنا وڃن، سنڌ ۾ 50 لک کان وڌيڪ غير ملڪي پاليا وڃن ٿا، 8 آڪٽوبر تي نوشهرو فيروز ۾ نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ ريلي ڪڍي ويندي، امن امان جي ڳالھه ڪريون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته بغاوت ڪريو ٿا ۽ ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن، ماڙي جلباڻي واقعو کليل دهشتگردي آهي، بيگناهه ڳوٺاڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.