ڪراچي ۾ واٽهڙو ناري سان فحش حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر ) سمن آباد پوليس ڇوڪري سان بداخلاقي ڪندڙ جوابدار کي عزيز آباد ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس  پي  ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ آصف ولد پرويز جي نالي سان ڪئي وئي، جوابدار ڀنگوريه ڳوٺ عزيز آباد جو رهواسي آهي ۽ موٽر سائيڪل تي بيڪري ائٽم وڪرو ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو جوابدار جي ڇوڪري سان مدتميزي ۽ فحش حرڪت ڪندي سي سي ٽي وي  فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن تي ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سينٽرل نوٽيس ورتو هو ۽ ايس ايڇ او سمن آباد کي  حڪم ڏنو هو ته جوابدار جي گرفتاري ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏي وڃي جوابدار پنهنجي موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي چڪو هو.  جنهن کي ان کانپوءِ سمن آباد پوليس ڳولي  تحويل ۾ ورتو هو، گرفتار جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدار جو چوڻ هو ته اهڙي ڪڌي حرڪت ڪرڻ تي شرمسار آهيان، غلطي ٿي وئي، ٻيهر اهڙو ڪم نه ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.