ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) نيو ٽائون پوليس پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ ڄاڻايل ڦورو عام شهري نڪتو ڇيپا کيس شهري ڄاڻايو آهي، پوليس شهري مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، مٿان وري زخمي ٿيل نوجوان جو مبينا طور جناح اسپتال مان گڙدو غائب، جمشيد ٽائون واسي محمد اسماعيل، راحيلا ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نوجوان محمد علي ولد عبدالرزاق ڪم تان واپس اچي رهيو هو ته ڦورن ۽ رستي ويندڙن وچ ۾ فائرنگ ٿي جنهن دوران اسان جو زخمي ٿي پيو جنهن جي پريس رليز ڇيپا وارن به جاري ڪئي هئي پر پوليس اسان جي نوجوان کي ئي ڦورو ڄاڻائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو زخمي نوجوان جي گهر واري راحيلا عوامي آواز کي ٻڌايو ته منهنجو گهرواري واري کي پوليس جناح اسپتال کڻائي آئي هئي هن کي پاسي ۾ گولي لڳل هئي پر اسپتال انتظاميا اسان جي نوجوان جو گردو خراب ڄاڻائي وڏي آپريشن ڪئي ۽ گڙدو ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي پوليس اهلڪار اسان جي نوجوان کي دوا کائڻ به نه ٿا ڏين نه ئي وري هن کي ڪو علاج ڏئي رهيا آهن، انصاف ڪيو وڃي.