اسلام آباد(م ڊ) ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين معاشي ماهر شبر زيدي چيو آهي ته افغان ٽرانزٽ واپار ۽ ڪرنسي اسمگلنگ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، افغان ٽريڊ ٽرانزٽ مئنيج ڪري ڇڏيو ته توهان جا 20 سيڪڙو معاشي مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هن وقت افغانستان جي درآمد 8 ارب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ ڏيڍ يا ٻه ارب ڊالر آهي، پوءِ فني طور اسان جا ساڍا 7 ارب ڊالر استعمال ڪري درآمد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ هڪ به ريشمي ڪپڙو نٿو ٺهي، اهو ڪپڙو افغانستان مان اچي ٿو،بليڪ ٽي افغانستان جي استعمال ٿئي ٿي،هاڻي رڳو افغانين جو ڪارڊ استعمال ڪري امپورٽ ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان هاڻي 10 سيڪڙو ٽيڪس هڻي ٿو، هاڻي فيبرڪ،بليڪ ٽي افغانستان مان نه ايندا، هن چيو ته مون کي خدشو آهي ته سياسي حڪومت ايندي ته واپارين جي دٻاءُ تي اهو فيصلو ختم ڪري ڇڏينديون آهن، اسان جا چيمبر ۽ ماڻهو ان ڪاروبار ۾ ملوث آهن، ڊالر 250 رپين تي اچڻ گهرجي جيڪڏهن توهان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ کي مئنيج ڪريو ٿا، افغان حڪومت ان معاملي کي اشو نه بڻائي