ڀارتي رياست سڪم ۾ ڪلائوڊ برسٽ،23 فوجي لاپتا

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي رياست سڪم ۾ شديد برسات کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 23 فوجي لاپتا ٿي ويا آهن، ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فوج  ٻڌايو ته چين جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست سڪم جي لوناڪ ڍنڍ ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ سبب ٽيسٽا دريا ۾ چاڙهه آيو جنهن جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ سبب 23 فوجي گم ٿي ويا جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون،  آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن جاري هو ،ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو هڪ ڍنڍ جي مٿانهين حصي ۾ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ لاچن وادي ۾ تيستا درياءَ ۾ خطرنان حد تائين پاڻي ۾ واڌ ٿي ،ڊيم مان پاڻي درياءُ ۾ ڇڏڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، رياست جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي سربراهه پرڀارڪر راءِ چيو ته خطي ۾ ڇهه رابطا پلون لڙهي ويون، سڪم کي ملڪ جي باقي حصن تان ڳنڍيندڙ قومي شاهراهه کي سخت نقصان پهتو آهي،  پورو علائقو ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو آهي، ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.