چونڊن ۾ جاگيردارن، پيرن،ڀوتارن جو مقابلو ڪنداسين: ثمر حيدر

دادو (ڊ ر)سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي مرڪزي صدر  ثمر حيدر جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ڀرپور حصو وٺندي  ۽ سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ڀوتارن سان سڄي سنڌ ۾ مقابلو ڪندي. ماضيءَ ۾ به باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن سان مقابلو ڪيو. ملڪ ۾ 75 سالن کان هنن جاگيردارن ۽ ڀوتارن جو قبضو آهي. هنن ڪرپشن ڪري پنهنجا محل ماڙيون ٺاهيا آهن ۽ سنڌ جي عوام کي بک بدحاليءَ ۽ فاقا ڪشيءَ تي مجبور ڪيو آهي. هنن سنڌ جي امن کي تباهه ڪيو آهي. هنن جي ڪرپشن جي ڪري ڌاڙا، ڦريون ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اليڪشن پروسيس ۾ هنن جو مقابلو ڪجيانهيءَ موقعي تي ڪامريڊ نذير قاضي، ڪامريڊ ولي محمد برهماڻي، حاجي منور ۽ محبوب حيدر موجود هيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.