فضل الرحمان جو چونڊن جي مطالبي تي چڙڻ سواليه نشان آهي: پيپلزپارٽي

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي اطلاعات واري  سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته فضل الرحمان جو چونڊن جي مطالبي تي چڙڻ سواليه نشان آهي، جي يو آءِ ف جي بيان تي رد عمل ڏيندي پ پ اڳواڻ چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي سياست جو فيصلو پاڻ ڪندي آهي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڌرڻو شروع يا ختم ناهي ڪندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته ايل ايف او کي منظور ڪرائي مراعتون وٺندڙ ليول پليئنگ فيلڊ کان ڊڄن ٿا، هن چيو ته انشاءُ الله پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي طاقت سان وزيراعظم چونڊجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.