رپورٽر موجب قومي ايپيڪس ڪميٽيءَ، پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ سڀني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ صوبن جا وڏا وزير، آرمي چيف، سول ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن، چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. غير قانوين طور تي رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين اندر سمورا اثاثا وڪرو ڪري ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ تي پرڏيهين کي ملڪ وڃڻ جا پابند هوندا. ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ تي پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ سندن ملڪيت به ضبط ڪئي ويندي.
ان فيصلي جو اصل سبب ملڪ جي خراب معيشت ۽ دهشتگردي آهي. ملڪ جو معاشي گهوٽالو گهٽائڻ جي حوالي سان يقيني طور تي اهو وقتائتو فيصلو آهي. پاڪستان جيڪڏهن واقعي به سنجيدگي سان معاشي حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ غير ملڪين جو اضافي بار گهٽائڻ ۾ ڪامياب ويو ته بلڪل به ان سان وڏو معاشي بار گهٽجي ويندو. مٿان وري اهي غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهي دهشتگردي به ڪن، اسٽريٽ ڪرائيم ڪن ۽ اغوائن جي واقعن ۾ ملوث هجن پوءِ ته سندن رهائش جو ڪو جواز نٿو رهي.
ان حوالي سان نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هن سال جنوري کان هيل تائين 24 خودڪش حملا ڪيا ويا آهن جن مان 14 حملن ۾ افغاني ملوث آهي. سرفراز بگٽيءَ چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پهرين نومبر تائين پنهنجي ملڪ واپسي جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذريعي پهرين نومبر کان انهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو.رپورٽون آهن ته پاڪستان ۾ 44 لک افغاني آهن جن مان صرف 17 لک 30 هزار قانوني طور تي ترسيل آهن.
اسان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي واري ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. سنڌ مان ته خاص طور تي وڏي عرصي کان اهو مطالبو ٿيندو رهيو آهي ته سنڌ ۾ نه رڳو افغاني پر بنگالي، برمي، بهاري به وڏي انگ ۾ رهن ٿا جنهن ڪري ڌرتي ڌڻين جو وڏي پئماني تي استحصال ٿئي ٿو. سنڌ جا وسيلا جيڪڏهن اڪثريتي طور تي ڌارين تي خرچ ٿين ته يقيني طور سنڌي قوم اندر بي چيني پيدا ٿيندي پر الميو اهو آهي ته اهي ڌاريا هڪ ته سنڌ جو کائين ۽ پيئن وري وڙهن به سنڌين سان، عوام کي ڦرين لٽين ۽ قتل غارت ۾ به ملوث هجن ته پوءِ ته اهي ڪنهن ريت به برداشت جوڳا نٿا ٿي سگهن.
اسان کي بهرحال ان فيصلي تي خوشگوار حيرت ٿي آهي ۽ ان فيصلي کي ”دير آيد درست آيد“ قرار ڏيون ٿا. اهو به ممڪن آهي ته اهو فيصلو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيڪي طالبان پاڪستان ۾ گهرايا ويا هيا تنهن پسمنظر ۾ ڪيو ويو هجي ته پر مجموعي طور تي اهو درست فيصلو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غير قانوني پرڏيهين ۾ افغانين کان علاوه ٻين پرڏيهين کي به نيڪالي ڏني وڃي ۽ ملڪي وسيلن کي ملڪ ۽ صوبن ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين تي خرچ ڪيا وڃن. آبادي به ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ اهڙي صورت ۾ آبادي کي تناسب ۾ رکڻ جي اڃا به اهميت ۽ ضرورت وڌي وڃي ٿي.
-
استادن جي عالمي ڏينهن جي تقاضا
اڄ استادن جو عالمي ڏينهن آهي. ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اصل ۾ استادن جي اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪرائڻ ۽ کين ڀيٽا پيش ڪرڻ کان علاوه هڪ احتسابي جائزو وٺڻ به هوندو آهي. اسان وٽ اهو عالمي ڏينهن اڄ جڏهن ملهايو وڃي ٿو ته اهو سوال پڻ ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا اسان جي استاد پنهنجي مقام ۽ رتبي کي ڪٿي ڪيرايو ته ناهي. عام تاثر اڄ اهو ئي آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته سليڪشن يعني مقرري جو معيار ڪري پيو آهي. هاڻي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استادن، ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جون مقرريون يا ڀرتيون ميرٽ تي نٿيون ٿين بس روزگار ڏيڻ جو هڪ وسيلو ٿي ويو آهي. اهو ناهي ڏٺو ويندو ته اميدوار ۾ استاد واريون صلاحيتون به آهن يا نه بس ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي استاد بڻايو ويندو. جنهن سبب استادن ۽ تعليم جو معيار ڪري پيو آهي.
استاد به شاگردن لاءِ ايئن هوندو آهي جيئن ڪنهن اداري جو ڪو سربراهه هجي. سٺو اهل دور انديش سربراهه هوندو ته ادارو به سٺي نموني هلندو ۽ ايئن شاگردن جو مقدر والدين جي تربيت کانپوءِ استادن جي هٿ ۾ هوندو آهي تنهن ڪري استادن کي به والدين جهڙو تبو مليل هوندو آهي. شاگردن جو اهو ئي آئيڊيل استاد هوندو آهي جيڪو کين پنهنجو اولاد سمجهي کين پڙهائي ۽ رهنمائي ڪري.اسان جي سنڌ ۾ تمام بهترين استاد به رهيا آهن، شاگردن هميشه اهڙن استادن کي سڄي عمر ياد ڪيو جن کين پيار ۽ عزت سان پڙهايو، سمجهايو ۽ بهترين تربيت ڏني، اسان اهڙن سڀني استادن کي اٿي بيهي سلام ڪريون ٿا جن سنڌ کي بهترين فرد ٺاهي ڏنا ۽ جن وڏن وڏن عهدن تي رسڻ باوجود پنهنجن استادن کي سڄي ڄمار ياد ڪيو.
استاد رڳو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ناهن ٿيندا. هر شعبي جا استاد ۽ شاگرد ٿيندا آهن. سياست، ادب، سماجيات، فلسفي، موسيقي، اداڪاري، صحافت، راند وغيره ۾ يعني جتي ڪٿي استاد ٿيندا آهن. اسان هتي انهن سڀني استادن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
اسان کي اهو بلڪل به احساس آهي ته هر انسان کي زندگي جي هر موڙ تي ۽ هر عمر ۾ استاد جي گهرج هوندي آهي. استاد جو مطلب رڳو نصاب پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ ناهي هوندو پر ان جي حيثيت رهنما واري هوندي آهي. سو اهڙن استادن جو قدر ڪرڻ گهرجي هن موقعي تي اسان حڪومت کي به وينتي ڪنداسين ته استادن جا جيڪي به حق آهن سي انهن کي اوليتي بنيادن تي ڏنا وڃن، سندن جيڪي به مسئلا آهن سي حل ڪيا وڃن اهو ان ڪري به جو اهي استاد ئي آهن جن اوهان کي تعليم ڏئي حڪمران بڻائڻ جي اهل ڪيو آهي. تنهن ڪري پنهنجن استادن جو خاص خيال ڪرڻ گهرجي.