ڌرتي ڌڻين جي ملڪيتن تي نانگن جون نظرون آهن، جدوجهد تيز ڪئي ويندي: اڳواڻ

ملير/ کوکراپار (جميل چانڊيو/ عنايت قمبراڻي) ملير ۾ اڏواتي ڪمپنين، بااثر بلڊرن ۽ حڪومتي آشيرواد سان زمين تي والار، ٽيھ سالا زمين  جي ليز جي خاتمي، وسيلن ۽ وجود جي بقا لاءِ سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس طرفان اعلانيل جدوجهد جي سلسلي ۾ گڏاپ ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ملير جي مختلف علائقن مان آبادگارن، سياسي سماجي اڳواڻن خدا ڏنو شاه، عبدالخالق جوڻيجو ،حفيظ بلوچ، قادر ڪلمتي، بخشل ٿلهو، رخمان گل پالاري ،پروفيسر ابو بڪر بلوچ، ايڊوڪيٽ ڪاظم مهيسر سميت وڏي تعداد ۾ علائقي معززن شرڪت ڪئي ميڙاڪي ۾ 150 کان وڌيڪ آبادگارن پنهنجي ٽيھ سالا زمين جا ڪاغذ وڪيلن حوالي ڪندي ان جا تفصيل بيان ڪيا جڏهن ته ميڙاڪي جي پڄاڻي تي اعلان ڪيو ويو ته ملير ضلعي جي تاريخي حقن وسيلن ۽ وجود جي بقا لاءِ قانوني ويڙهه سان گڏ سياسي ميدان عمل ۾ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، ان موقعي تي سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي مرڪزي صدر خدا ڏنو شاهه خطاب ڪندي چيو ته ملڪ سميت سنڌ جي سمورن سياسي تنظيمن ۽ اڳواڻن اڳيان پنهنجا مسئلا رکي مدد جي اپيل ڪئي پر اسان کي ڪٿان به مانائتي موٽ نه ملي آهي ان ڪري اسان کي پنهنجي زمين وسلين ۽ وجود جي بقا لاءِ پاڻ ئي ميدان تي نڪروڻو پوندو، هن چيو ته ملير ۾ هن وقت ٽيهه سالا ليز جي خاتمي ۽ مقامي آبادگارن جي موروثي زمينن تي والار  اهم مسئلو آهي جيڪڏهن اسان جون  دانهون  بحريا ٽائون ٺهڻ مهل ملير جا ماڻهو خاص طور متاثر ماڻهو ٻڌي موٽ ڏين ها ته بحريا جو ٺهڻ  ناممڪن ٿي وڃي ها ۽ هاڻ ٽيهه سالا زمين جي ليز بحال ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن آبادگار وڏي تعداد ۾ ميدان عمل ۾ نه نڪرندا ته کين زمين جو ٽڪرو به حاصل نه ٿيندو، سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس هن عوامي  ميڙاڪي ۾ زمين جي بحالي جو قانون ۽ سياسي ميدان تي جدوجهد جو اعلان ڪيو آهي هاڻ آبادگارن تي ڇڏيل آهي ته هو پنهنجا  وسيلا بچائڻ لاءِ ڪيترو ساٿ ڏين ٿا جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو چيو ته ملير سميت سڄي سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻين خلاف نه ختم ٿيندڙ سازشن جو سلسلو تيز ڪيو آهي هڪ طرف بي گناهه ماڻهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف سندن زمينون ۽ وسيلا ڦٻايا ۽ ڦريا پيا وڃن سنڌ هن وقت فلسطين جو ڏيک ڏيئي رهي آهي صرف جدوجهد واحد رستو آهي جنهن ذريعي اسان پنهنجي زمين ۽ تاريخي حق بچائي سگهون ٿا عوامي ورڪرز جي اڳواڻ بخشل علي ٿلهو چيو ته عالمي طور تي اها مڃيل حقيقت آهي ته جيڪو زمين کيڙي ٿو کائڻ سڀ کان اول ان جو حق آهي پر بااثر ماڻهن ۽ قانون سان کيڏندڙ ماڻهن ان حق کي مڃڻ کان انڪار ڪندي زرعي انقلاب جي نالي ۾ مقامي ماڻهن کان زمينون کسي کين بي دخل ڪيو پيو وڃي اسان ملير جي مقامي ماڻهن جي ٽيهه سالا ليز واري زمين بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا مسلم ليڳ ن اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو ته ملير جا آبادگار پنهنجي وڊئي جو ويڃ نه طبيب وانگر تڙپي رهيا آهن سندن ئي ووٽن سان نمائندا سندن اٽي لٽي ۽ اجهي جي حفاظت ڪرڻ بدران سندن ملڪيتن ۾ اکيون وجهيو ويٺاآهن هن انڪشاف ڪيو ته ملير جا آبادگار ايترا ساده ۽ اٻوجهه آهن جو کين خبر ئي نه آهي ته سندن زمينن جا 29هزار کاتا بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ چونڊيل نمائندن سندن زمينن کي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ اڃا ڪرائي رهيا آهن  جيڪڏهن ڪنهن کي ثبوت کپن ته مون سان رابطو کن هن چيو ته زمين جي حوالي سان ملير مڪمل طور تي بڙڀانگ ڪيو ويو آهي ان ڪري خانا پوري طور ميڙاڪا ڪرڻ بدران عملي قدم کڻي زمين ڦٻائيندڙ ڇونڊيل نمائندن سميت قبضاگيرن  بلڊرن ۽ دلالن کي پڌرو ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ملير بچي نه سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.