ميڊرڊ (م ڊ) اسپين جي ڏکڻ اوڀر شهر مرسيا جي هڪ نائٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ سبب 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برطانوي نشرياتي اداري مطابق مرسيا جي ميئر جوڙبيلسٽا ميڊيا کي ٻڌايو ته مقامي وقت مطابق شام 6 وڳي اٽالياس جي علائقي ۾ واقع مشهور نائٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع ملي جنهن جي فوري بعد ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. هن ٻڌايو ته ريسڪيو اهلڪارن شروع طور تي 713ڄڻن جا لاش ڪڍيا آهن جڏهن ان ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.
مستونگ ۽ هنگو واقعا عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهي: علما ڪائونسل
اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان جي سمورن مذهبن، مڪتب فڪر، سياسي ۽ سماجي پارٽين جي قيادت ملڪ ۾ هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته 12 ربيع الاول جمعي ڏينهن مستونگ ۽ هنگو جهڙا سانحا ان ڳالهه کي واضح ڪن ٿا ته دهشتگردن جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ بيگناهه انسانن کي قتل ڪرڻ آهي، قاتلن جي انهن گروهن کي پاڪستان دشمن قوتن ۽ ڀارت جي سرپرستي حاصل آهي، سمورن مذهبن جي قيادت دهشتگردي، انتهاپسندي، فرقيواراڻي تشدد ۽ مختلف مذهبن وچ ۾ ڇڪتاڻ جي سازشن خلاف رياست پاڪستان سان گڏ آهي ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ٿي. گذريل ڏينهن پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي انتظام هيٺ لاهور ۾ منعقد سيرت رحمت اللعالمين ﷺڪانفرنس جي موقعي تي اڳواڻن چيو ته غير مسلمانن جي جان، مال، عزت ۽ عبادتگاهن جو تحفظ رياست ۽ مسلمانن جي ذميوار آهي، افغان عبوري حڪومت ۽ پاڪستان وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رابطا مضبوط ڪيا وڃن، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جو امن پاڪستان جو امن آهي ۽ پاڪستان جو امن افغانستان جو امن آهي ۽ ان کي هر صورت ۾ ممڪن بڻايو وڃي، اڳواڻن ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪ خاص ڪري پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي شاهدين سان ثابت ٿي چڪي آهي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج، قومي سلامتي جي ادارن ۽ حڪومت جي سمورن قدمن جي تائيد ڪريون ٿا. حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته بجلي ۽ گئس چورن ۽ ذخيره اندزون ۽ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. جڙانوالا ۽ سرگوڌا ۽ اهڙي طرح جي واقعن جي ڪيسن جا فيصلا جلد ڪيا وڃن ته جيئن انصاف قائم ٿي سگهي، هي اجتماع ترڪي جي شهر انقره ۾ خودڪش حملي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو