پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي ناڪافي آهي: شهري

ڪراچي (م ڊ) شهرين پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي کي ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، نگران وفاقي سرڪار طرفان پيٽرول جي اگهن ۾ 8 رپيا  گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سان عوام ناخوش نظر اچي رهيو آهي، عوام پيٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته 26 رپين جي اضافي بعد 8 رپيا گهٽ ڪرڻ سان ڪو فائدو ناهي، ان سان مهانگائي ۾ ڪا به گهٽتائي نه ايندي، في لٽر 8 رپيا گهٽ ٿيڻ بعد پيٽرول جي نئين قيمت 323 رپيا 38 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت به 11 رپيا لٽر گهٽ ڪئي وئي، جنهن بعد نئين قيمت 318 رپيا 18پئسا ٿي وئي آهي، ٻئي پاسي ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ رپئي جي قدر ۾ بهتري جي ڪري پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.