اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ترڪيه جي پارليامينٽ جي ڀرسان پوليس هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم جي آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون همدرديون ڀائر ملڪ ترڪيه سان آهن. نگران وزيراعظم چيو ته مان واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته ترڪيه منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردوان جي اڳواڻي ۾ دهشتگردي جي ان چئلينج تي جلد ضابطو آڻيندو. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ترڪيه جي پارليامينٽ ٻاهران خودڪش حملي جي مذمت ڪندي ترڪيه جي پارليامينٽ ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا طرفان آچر تي جاري پنهنجي بيان ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام هن مشڪل گهڙي ۾ ترڪيه جي پارليامينٽ ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ترڪيه جي پارليامينٽ ويجهو آپگهاتي حملو اصل ۾ حريت پسندي ۽ جمهوريت تي حملو آهي،