انقره ۾ دهشتگردي جو واقعو مذمت جوڳو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي  (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۾ دهشتگردي  جي واقعي مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انقره ۾ ترڪ پارليامنٽ ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيس ويجهو دهشتگردي جو واقعو ڳڻتي جوڳو آهي. پاڪستاني عوام ان گهڙي ۾ ترڪ عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مضبوط عزم ۽ حوصلي سان بهترين حڪمت عملي سان دهشتگردي جي سوچ کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي،  آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دنيا کي وڳوڙي سوچ خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي هوندي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام تاريخ جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن،هوڏانهن  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف آچر ڏينهن ترڪيه جي شهر انقره ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا، الله تعالي جو شڪر آهي ته ڪو وڏو جاني نقصان نه ٿيو، دهشتگرد انسانيت جا گڏيل دشمن آهن، دهشتگردن جا ساٿارين خلاف سڄي دنيا کي گڏجي فيصله ڪن قدم کڻڻو پوندو. هن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل دهشتگردي جي تدراڪ ۽ ان جي ساٿاڙين خلاف ڪارروائي تي غور ڪري. هن چيو ته ان واقعن جو سراغ لڳائڻ لاءِ عالمي جاچ جي ضرورت آهي. هن چيو ته او آءِ سي جي پليٽ فارم سان اسلامي دنيا کي ان مسئلي خلاف گڏيل حڪمت عملي مرتب ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي، آپگهاتي حملن ۾ هڪ خاص پيٽرن نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل مسئلي جي سنگين ۽ دهشتگردي جي سرپرستي جو هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن زخمي پوليس اهلڪارن سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.