انقره(م ڊ)ترڪيه جي شهر انقره ۾ گهرو وزارت جي عمارت ويجهو آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. عرب نشرياتي اداري موجب ترڪيه جي پرڏيهي وزير علي يرليڪايا جو چوڻ آهي ته ٻن حملي آورن مان هڪ انقره ۾ گهرو وزارت ۽ پارليامينٽ جي عمارت سامهون پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، تنهن هوندي به ٻئي کي سيڪيورٽي اهلڪارن وقت سر پڪڙي ورتو. هن ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، واضح رهي ته صدر رجب طيب اردگان سميت سمورن پارليامينٽ جي ميمبرن جي ٻنپهرين جو 2 وڳي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي توقع هئي