انقره (م ڊ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان انقره ۾ پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نئين پارلياماني سيشن جي لاءِ نئون آئين ترجيح آهي، هن چيو ته ترڪيه مهانگائي خلاف ڪوششون جاري رکندو، ترڪيه جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي، رجب طيب اردوان چيو ته هاڻ اسان اهڙي ملڪ ۾ نٿا رهون جتي پارليامينٽ ختم ڪري بغاوت ڪئي وڃي، ترڪيه کي يورپي يونين مان ڪي به اميدون ناهن، يورپي يونين طرفان پنهنجون غلطيون درست ناهن ڪيون وينديون، هن چيو ته يورپي يونين ترڪيه سان ڪنهن به قسم جي اميد وڃائي ويهندو.