ڪراچي ۾ افغاني ڪم جون شيون ڪڍي ڪچرو نالن ۾ ڦٽو ٿا ڪن: رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آھي تھ شھري ماحول کي خراب ڪندڙ ماڻھن خلاف ڀرپور ڪارروائي  ڪئي وڃي، وزيراعليٰ ھائوس مان  جاري پڌرائي ۾ چيوويو آهي ته نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي ھدايت تي ضلعي اوڀر ڪراچي ۾ افغانين خلاف آپريشن ڪيو ويو، وڏي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  افغاني اوڀر ضلعي جي جمشيد ٽائون جي يوسي 8 (پي اي سي ايڇ ايس) جي ڪشمير روڊ، علامھ اقبال روڊ، خالد بن وليد روڊ، سر سيد روڊ، طارق روڊ اور نور گرائونڊ ۾ شھر جي مختلف علائقن مان ڪچرو کڻي ان مان ڪم وارو مواد ڪڍي باقي ڪچرو نالن ۾ ڦٽو ڪندا آھن جنھن جي نتيجي ۾ نالا بند ٿي ويندا آھن. نگران وڏي وزير کي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ غير قانوني ڪچرو اڇلائڻ واري ھنڌ کان صفورا ورڪشاپ تائين الگ الگ مواد جي چرپر لاءِ افغانين ٽيم جوڙي ھئي ڪچرو کڻندڙ افغانين نھ رڳو سموري علائقي ۾ گندگي پکيڙيندا آھن بلڪھ نالا پڻ بند ڪري ڇڏيندا آھن. نگران وڏي وزير ھدايتون ڏيندي چيو تھ غيرقانوني طور تي ڪچرو کڻي شھر ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙ ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، شھري ماحول خراب ڪندڙ ماڻھن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.