نائيجيريا ۾ هٿياربندن 25 ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو

ابوجا (م ڊ) نائيجريا جي ڏکڻ اولهه رياست اونڊو مان هٿياربندن مقامي چرچ جي 25 ميمبرن کي هڪ جنازي لاءِ ويندي اغوا رستي مان اغوا ڪري ورتو. چين جي خابرو اداري مطابق اونڊو ۾ پوليس ترجمان اولوفن ميليو اوڊونلامي اوميسانيا ميڊيا کي ٻڌايو ته رياست اونڊو جي مقامي سرڪاري علائقي اوزي ۾ هڪ مقامي چرچ جي 25 ميمبرن کي هٿياربندن هڪ جنازي لاءِ ويندي اغوا ڪري ورتو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس جون مختلف ٽيمون انهن کي بچائڻ ۽ ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ مقرر ڪيون ويون آهن

آمريڪا ۾ شٽ ڊائون جو خطرو ٽري ويو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن نومبر جي وچ تائين آمريڪي حڪومت  کي فنڊز فراهم ڪرڻ، شٽ ڊائون کان بچڻ ۽ وفاقي ادارن لاءِ رقم ختم ٿيڻ سبب هڪ ڪلاڪ اڳ ڪانگريس جي منظور ٿيل بل تي صحيح ڪري ڇڏي. آمريڪي خابرو اداري مطابق بائيڊن ووٽنگ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بل جي منظوري هڪ غير ضروري بحران کي روڪڻ آهي جنهن سان لکين محنتي آمريڪن کي بي سبب تڪليفن جو منهن ڏسڻو پهجي سگهجي هو. هن ڪانگريس تي زور ڏنو ته هو سڄي مالي سال جي فنڊنگ بلن کي پاس ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ڪم ڪري.

ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب 9 ماڻهو فوت

هنوئي(م ڊ)ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ويٽنام جي قدرتي آفتن بابت بچاءَ ۽ ڪنٽرول  واري نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ملڪ ۾ اترين ۽ وچين علائقن ۾ 26 سيپٽمبر کان 28 سيپٽمبر تائين آيل ٻوڏ سبب 9 ماڻهو فوت ۽ هڪ شخص گم جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا آهن. هن ٻڌايو ته شديد برساتن سبب آيل ٻوڏ گهرن، رستن، آبي زراعت جي تلائن، سارين ۽ ٻين فصلن کي پڻ نقصان پهچايو آهي

پاڪستان جي چين ۽ نائيجيريا جي قومي ڏينهن تي مبارڪباد

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان چين ۽ نائيجيريا کي سندن قومي ڏينهن  جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪستان طرفان عوامي جمهوريه چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي چيني عوام ۽ حڪومت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي. هن وفاقي جمهوريه نائيجيريا جي عوام ۽ حڪومت کي به پهرين آڪٽوبر تي سندن آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.