چونڊون ضروري ناهن، معيشت بهتر بڻائڻي پوندي: فضل الرحمان

ساهيوال(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪي معيشت کي ٽريڪ تي آڻڻ چونڊن کان وڌيڪ اهم قرار  ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن وقت چونڊون ضروري ناهن، ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻو پوندو، چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهيون.ساهيوال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جنوري ۾ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪرائڻ مشڪل ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا مسئلا اڃا عدالت ۾ آهن، هن وقت ملڪ ۾ جيڪا به صورتحال آهي، ان جا ذميوار تحريڪ انصاف ۽ ان جو چيئرمين آهن. نگران حڪومت جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان چيو ته مان سمجهان ٿو ته نگران حڪومت جو فلسفو غلط آهي، مان نگران حڪومت کي ڪجهه نٿو سمجهان.ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي حوالي سان هن چيو ته موجوده دهشتگردي سان دنيا ۾ پيغام ويندو ته پاڪستان پرامن ملڪ ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.