ڪراچي: هلندڙ سال عورتن کي هراسان جا 7 کان مٿي واقعا رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) هلندڙ سال عورتن کي هراسان ڪرڻ جا 7 کان وڌيڪ واقعا پيش آيا. ڪراچي ۾ هلندڙ سال عورتن کي هراسان ڪرڻ جا 7 کان وڌيڪ واقعا پيش آيا، پوليس اڃا تائين اڪثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. گلستان جوهر، بلديا ٽائون، اورنگي ٽائون ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا آهن. نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 بي، ڪورنگي، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 17، راشد منهاس روڊ تي به حادثا پيش آيا. انهن واقعن ۾ پوليس اڃا تائين اڪثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، بلديا ٽائون ۽ اورنگي ٽائون مان عورتن کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سي سي ٽي وي ۾ ملوث جوابدارن جا چهرا واضح هجڻ باوجود پوليس کين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.