ڪراچي ۾ نوجوان جون شاگردياڻين سامهون فحش حرڪتون!

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جو هڪ ٻيو واقعو سامهون اچي ويو آهي. شاگردياڻي  پاران موٽرسائيڪل سوار نوجوان جي وڊيو ٺاهي ورتي، شاگردياڻي جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ موٽرسائيڪل سوار همراهه شاگردياڻين سان فحش اشارا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، موٽر سائيڪل تي سوار همراه يونيورسٽي مان نڪرندڙ وين جي سامهون ڦرندو رهيو ۽ وين ويٺل يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي اشارا ۽ غلط لفظ استعمال ڪندو رهيو، وائرل وڊيو راشد منهاس روڊ ڀرسان اسپورٽس ڪامپليڪس جي آهي ڪراچي جي مين هاءِ وي تي هلندڙ موٽرسائيڪل تي اهڙيون ڪارروايون روز جو معمول بڻجي ويون، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڪراچي پوليس چيف ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي روڊ تي هلندڙ وين  ٻاهران شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ وارو واقعو ميڊيا تي نشر ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ رفعت مختار نوٽيس وٺي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي توڙي لاڳاپيل عملي کي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته اهڙي واقعي بابت ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ ڪري يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي حراسان ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.