جولاءِ کان سيپٽمبر تائين 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي

ڪراچي (رپورٽر ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جولاءِ کان سيپٽمبر تائين 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري چڪو آهي، جيڪو هدف کان وڌيڪ آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو هن سال اهم ڪاميابي حاصل ڪندي هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو. ترجمان آفاق قريشي چيو ته جولاءِ کان سيپٽمبر تائين مجموعي طور تي 2041 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو. جولاءِ کان سيپٽمبر تائين مقرر هدف کان 64 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو ويو، رڳو سيپٽمبر 2023 ۾ 834 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو، ايف بي آر جي ترجمان چيو ته سيپٽمبر 2023 ۾ ٽيڪس جو هدف 799 ارب رپيا هو، هن وقت تائين 18 لک 90 هزار انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.