راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جتي کيس مستونگ ۽ زوب ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ وفاقي گهرو وزير، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ اهم صوبائي وزيرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. آرمي چيف شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته 12 ربيع الاول تي دهشتگردي جا اهڙا واقعا خوارج جي ناپاڪ ارادن کي ظاهر ڪن ٿا، جن کي دهشتگردي جي رياستي سرپرستي حاصل آهي. . دهشتگردن خلاف اسان جو آپريشن جاري رهندو ۽ هٿياربند فوج، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان وقت تائين آرام سان نه ويهندا جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو نه ٿي ويندو.