ڪوئيٽا (م ڊ) مستونگ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي جا وڌيڪ ٻه زخمي دم ٽوڙي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 59 ٿي ويو، جڏهن ته حڪومت صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. سول اسپتال جي ترجمان موجب مستونگ ڌماڪي جا وڌيڪ 7 زخمي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو مجموعي انگ 59 ٿي ويو آهي. هوڏانهن مستونگ ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ اڻڄاتل حملي آورن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. مستونگ ڌماڪي تي صوبائي حڪومت 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سرڪاري عمارتن تي پرچم جهڪيل رهندو. اتحاد اهلسنت بلوچستان جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي واقعي جي مذمت ڪندي هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو. هن هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏيندي عوام ۽ واپاري برادري کي اپيل ڪئي ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ اهل سنت جو ساٿ ڏين. اتحاد اهلسنت جي اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته واقعي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هن الزام لڳايو ته اتحاد اهلسنت جي تحفظات ۽ خدشن باوجود مستونگ، خضدار ۽ قلات ۾ سيڪيورٽي جا مناسب انتظام نه ڪيا ويا، جنهن سبب هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. مستونگ حملي خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ آپگهاتي حملي خلاف وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. واقعي خلاف بلوچستان بار ڪائونسل پاران هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. بلوچستان بار ڪائونسل جي عهديدار راحب خان بليدي ايڊووڪيٽ چيو ته مستونگ سانحو بلوچستان کي هڪ ٻيو وڏو سانحو آهي. هن چيو ته ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان جي عدالتن ۾ وڪيل احتجاج طور پيش نه ٿيندا.