سڪرنڊ(رپورٽ:لطيف جمالي) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل چئن ڄڻن ۽ 4 زخمين جي ايف آئي آر داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران سڪرنڊ قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو 25 ڪلاڪن بعد ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد زاهد رند پاران پهچي ڳالهيون ڪرڻ ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ختم ڪيو ويو. شهيدن جي وارثن پاران 3 مطالبا انتظاميا آڏو رکيا ويا. جنهن ۾ پهرئين مرحلي ۾ شهيدن جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ ، پوسٽ مارٽم لاءِ ٿاڻي جو ليٽر جاري ڪرڻ ، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پاران گهرو وزارت سنڌ کي واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ ليٽر لکڻ جا مطالبا رکيا. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڪجهه وقت گهرندي سڀني مطالبن تي عمل ڪندي واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ۽ شهيدن جا پوسٽ مارٽم ڪرايا ويا ۽ گهرو وزارت ڏانهن واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ ليٽر پڻ لکيو ويو. مطالبن جي مڃتا بعد شهيدن جي وارثن ۽ قومپرست اڳواڻن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن بعد فوتين جي جنازي نماز روڊ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وارثن ۽ قومپرستن اڳواڻن شرڪت ڪئي،ان کان اڳ شهيد ٿيندڙ چئن ڳوٺاڻن جا لاش رکي سڪرنڊ بائي پاس کي ٻنهي طرفن کان جام ڪيو ويو. جنهن ۾ شهيدن جي وارثن مٺل جلباڻي ، گل جلباڻي ، ايس يو پي سنڌ جي صدر زين شاهه ۽ جسم جي رياض چانڊيو ، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس ٽي پي جي نثار احمد ڪيريو، جسقم آريسر جي اسلم خيرپوري، اديب تاج جويو ، صوفي فنڪار مانجهي فقير، پي ٽي آئي اڳواڻ نثار پرهياڙ ، جي يو آئي جي عبدالرشيد پرهياڙ ، جسقم مرڪزي ترجمان آصف رضا مگسي ، مسعود شاهه ، سنڌ سڀا جي سنڌي انعام سميت سوين ماڻهن ، شهرين ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻو جاري هو ته ڌرڻي دوران وارثن ۽ قومپرست اڳواڻن طئه ڪري ڇڏيو ته هاڻ پوري سنڌ جا روڊ رستا بلاڪ ڪيا ويندا ۽ اهڙي اعلان ٿيڻ بعد فوري طور انتظاميه ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد زاهد رند پهچي ڳالهين جو ٻيو دور شروع ڪيو ۽ فوري طور ڳالهيون ڪري ان تي عمل ڪرايو، جڏهن ته 4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي فوتي جي ڀاءَ راهب جلباڻي جي مدعيت ۾ گناهه نمبر 39/2023 تحت قلم 324,302 تحت داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته وقت اٽڪل پوڻا 3 بجي ڌاري گهرن ۾ ويٺا هئاسون ڏٺوسون ته گهر جي دروازي جي سامهون پنج پوليس موبائلون ، هڪ اڇي ۽ هڪ ڪاري ڪلر جي ويگو ۽ ٽي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون گاڏيون بيٺيون هيون جنهن مان 40/45 مختلف سرڪاري ورديون پهريل ڏهه سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو لٿا جن لهڻ سان چيو ته توهان دهشتگرد آهيو اڄ توهان نه ڇڏينداسون ماري خون ڪنداسون ايئن چئي سڌي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري جنهن فائرنگ ۾ منهنجو ڀاءَ سجاول جلباڻي ۽ عزيز نظام الدين جلباڻي ٿڏي فوت ٿي ويا ۽ هر هڪ امام بخش جلباڻي ۽ ممتاز جلباڻي ، امام الدين جلباڻي ۽ الهداد جلباڻي، سارنگ جلباڻي ، علي نواز جلباڻي ۽ لياقت جلباڻي زخمي ٿي پيا جنهن بعد زخمين کي کڻائڻ لاءِ شديد فائرنگ سبب ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا. پوءِ ڳوٺاڻن جي مدد سان فوتين ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آياسون پئي ته رستي ۾ امام بخش ۽ ميهار پڻ فوت ٿي ويا
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سڪرنڊ سانحي تي سنڌ ۾ سوڳ، صوبي ۾ مختلف تنظيمن جا مظاهرا،ڌرڻا،تفصيل موجب ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي ماڙي جلباڻي واقعي خلاف ايس يو پي تعلقي سڪرنڊ جي صدر شهمير جمالي ، ايوب کوسو ، قاسم سومرو ، جسقم جي ضلعي اڳواڻ مسعود شاهه ، عوامي ورڪرس پارٽي جي فيض ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، رتيديري ۾ سردار زاده صوبدار خان جلباڻي ، مومن سمون ، عبدالبقا جلباڻي،اڪبر طاهري،ڪمانڊو جلباڻي،مولوي نثار سومرو،شفيق الرحمٰن جلباڻي ، حبدار جلباڻي ۽ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ڀان سيدآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ماڙي جلباڻي سڪرنڊ واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ اسپتال روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ درياء خان لغاري، سهيل ٻرڙو، ڪامريڊ اميربخش خشڪ، نويد خشڪ، اصغر سولنگي، اصغر شاهاڻي، صفر ڀنڊ سميت ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو چيو ته سنڌي قوم کي ننڌڻڪو ڪري ماريو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي، ماڙي جلباڻي سڪرنڊ ۾ وڏو ناحق ٿيو جيڪو اسان جي فورسز ڪيو، اسان جي ملڪ جا محافظ اسان جي خون جا پياسي بڻجي چڪا آهن، جروار ۾ آڪاش سنڌي دوست سومرو، قدير گبول،ڪڪڙ ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سرور سنڌي، ارشد علي، الطاف جبل سنڌي سميت ٻين،قمبر ۾ پ پ شهيد ۽ بئريسٽر ٽيم قمبر طرفان قادر چانڊيو،راجن چانڊيو، فرحان ڪنڀر،ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،طفيل سانگاھ،ڪامريڊ اياز ٻرڙو، ڪنڌڪوٽ ۾ دلمراد ڏاهاڻي،ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾،کيبر ۾ ايس ٽي پي ضلعي مٽياري جي اڳواڻن عبدالحڪيم نوحپوٽو عبيدالله ملاح عبدالڪريم نوحپوٽو خالد ملاح مانجهند ۾ ايس يو پي جي محمد عمر ابڙو، علي نواز ڪنڀر، محمد ملوڪ ٿيٻو، يوسف عمراڻي، انور مڱڻھار، بابل لطيف کوسو، جسقم جي گلشير کوسو، اڪرم کوسو سيوھڻ ۾ ايس يو پي تعلقه سيوھڻ جي صدر محمد نواز رند،محمد خان سولنگي، مختيار پرارو، عبدالحڪيم بڙدي، امام علي جتوئي، غلام فريد ٻگھيو جسقم ضلعي مٽياري پاران ضلعي اڳواڻن سجيل سالاريو ، مظھر انڙ، ذوالفقار ڏيٿو ، عمير ميمڻ ، دائود آرائين، اصغر منگواڻو جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ۾ ايس يو پي پاران سڪندر سوڍر ، حاجي خان مارفاڻي ، حبيب حضوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري انڊس ھاءَ وي تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو ميرپورماٿيلو ۾ جسم مرڪزي اڳواڻ ڪمال مھر،نظام ڪلوڙ، جسقم ضلعي گھوٽڪي جي اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، ايس يو پي ضلعي اڳواڻ اڪرم ميتلو، جساف آريسر گروپ جي مرڪزي اڳواڻ علي عمراڻي، وحيد سنڌي ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان ۾ ايس يو پي ، جيئي سنڌ محاذ ، عوامي تحريڪ ، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي اڳواڻن عمران لغاري ، ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ، زاهد جسڪاڻي ، اصغر نوناري ، هرچند لال ، عبدالخالق خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي ، وارهه ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت، عوامي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر عرفان منان، شهيد ڀٽو جي نياز حيدري، نوريز چانڊيو، محسن ابڙو، مجيب چانڊيو،مٺياڻي ۾ معراج سنڌي، منظور سنڌي ۽ علي رضا شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته قاتل گرفتار ڪري بيگناهن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.