پٽ گاهه ڪري موٽيو، اهلڪارن کيس قتل ڪيو: مسمات صدوري

سڪرنڊ:شهيد ميهار جلباڻي جي امڙ مسمات صدوري روئيندي ٻڌايو ته منهنجو ٻچو گاهه ڪري واپس آيو جنهن کي بي گناهه گوليون هڻي  رينجرس اهلڪارن قتل ڪيو. منهنجي پٽ جي شادي ٿيل هئي جنهن کي چار معصوم ٻارڙا آهن اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي. شهيد نظام الدين ۽ امام بخش بخش جلباڻي جي امڙ جنت زارو قطار روئيندي چيو ته منهنجي معصوم ٻن پٽن کي منهنجي اکين آڏو گولين جو کاڄ بنايو ويو آهي منهنجي ٻنهي پٽن جي ڪجهه ڏينهن ۾ شادي رٿيل هئي پر ظالمن ظلم ڪري منهنجي اکين آڏو منهنجي پٽن کي شهيد ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.