سڪرنڊ:شهيد اڪن ، نظام الدين، سجاول ، ميهار جلباڻي جا مڙهه ڳوٺ ماڙي جلباڻي پهچڻ تي ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو هر اک آلي ۽ شهيدن جا وارث امڙيون ۽ ڀينرون پنهنجي پيارن کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪنديون رهيون ۽ کين بيهوشي جا دورا پئجي ويا. لاش گهرن مان نڪرڻ وقت قيامت صغريٰ ٿي وئي. معصوم ٻارڙا پڻ پنهنجي والدين جا لاش ڏسي ڪيهاٽ ڪري روئيندا چمبڙي ويا.