ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سڪرنڊ سانحي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل آهي، سينئر صحافي عاجز جمالي چيو آهي ته ماڙي جلباڻي سانحي تي پيپلز پارٽي مڪمل طور تي خاموش آھي،اھا خاموشي افسوسناڪ آھي،ايس يو پي اڳواڻ منير حيدر شاهه لکيو ته اسان ۾ 100 غلطيون، اسان ۾ 100 خرابيون ، اسان غلط فيصلا ڪرڻ وارا، سڀ درست، تنقيد ڪرڻ وارن کان هڪ سوال، پوري سنڌ احتجاج ۾ سڪرنڊ پهتي، پوءِ احتجاج ۾ پي پي وارا ڇو نه آيا؟ڪالم نگار حفيظ ڪنڀر لکيو ته ماڙي واقعي ۾ مارجي ويل معصومن جي ايف آءِ آر لاءِ ڪيترن ئي وڪيلن ۽ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ان سان قاتلن کي ڪجهه به نه ٿيندو، جڏهن ڪنهن جو نالو ئي ناهي بچيو ته ڇا بچيو؟ اڻڄاتل لکيل آهن. هاڻي سڃاڻپ جو مسئلو هوندو ۽ هر ٻڌڻي تي سڃاتل کي لڪائيندا ۽ اڻڄاتل ڊمي پيش ڪندا.فيض الله خان لکيو ته سانحو افسوسناڪ آهي، عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوارن جو تعين ڪري سزا ڏني وڃي،مظلومن جو خون ايترو سستو ٿي چڪو آهي جو جيڪو چاهي وهائي هليو وڃي