ڪراچي(م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نفيسا شاهه ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته سڪرنڊ ۾ افسوسناڪ واقعو سنڌ ۾ غم و ڪاوڙ جو سبب بڻيل آهي جڏهن ته الزام آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بيگناهه شهرين تي حملو ڪري قتل ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته انڪوائري ڪميٽي شفاف انڪوائري ڪندي ۽ جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طرفان ڪنهن به قسم جي زيادتي جو اعتراف ڪيو ويو ته سخت سزا ڏني ويندي.