حيدرآباد(رپورٽر) سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف قومپرست تنظيمن پاران قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ رسول بخش ٿيٻو، سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا، اسماعيل وساڻ، غفار مھر، منور خاصخيلي ۽ حميرا آريسر سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سڄي سنڌ ۾ سڪرنڊ واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ مظاھرا ڪيا ويا آھن، حڪمرانن آڏو واضح ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت جي نگران وڏي وزير واري ڪميٽي قبول ناھي، سنڌ حڪومت چيف جسٽس کي درخواست ڪري ته ھاءِ ڪورٽ جو جج معاملي جي جاچ ڪري، ھفتي ۾ جاچ نه ٿي ته ٻيهر سڄي سنڌ جا ھاءِ وي بند ڪنداسين. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ماڙي جلباڻي واقعو افسوسناڪ آهي، معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، گھرو وزير پنهنجي بيان تي استعيفيٰ ڏئي، احتجاج سڀني جو جمھوري حق آھي، گھرو وزير جو بيان غير ذميواراڻو آھي.