ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد جي سربراهي ۾ اڱاري ڏينهن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪلب جو نائب صدر مشتاق سهيل، جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان، گورننگ باڊي جا ميمبر شمس ڪيريو، ذوالفقار راڄپر، فاروق سميع ۽ ذوالفقار واهوچو موجود هئا. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد نگران وڏي وزير کي ڪراچي پريس ڪلب جي 700 نون ميمبرن جي پلاٽن ، سنڌ حڪومت پاران ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ صحافين جي پلاٽن جي قيمتن جي مقرر ڪيل فارمولي تي عمل نه ٿيڻ ۽ ميڊيا هائوسز ۾ جاري جبري برطرفين ۽ پگهارن جي عدم ادائيگي بابت بريفنگ ڏني وئي . نگران وڏي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن کي پنهنجي مڪمل سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته صحافين سان جيڪي به واعدا ڪيا ويا آهن، انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ هن مسئلا به جلد حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڪراچي پريس ڪلب جي نون ميمبرن جي پلاٽن جي قيمتن ۽ ايم ڊي اي ۾ صحافين جي پلاٽن جي قيمتن جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کان پڇا ڳاڇا ڪندي وڏي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته هو صحافين سان ڪيل واعدن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ تمام جلد ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪندو، ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد سنڌ جي وڏي وزير کي دنيا اخبار ڪراچي مان هڪ ئي وقت سموري اسٽاف کي برطرف ڪرڻ بابت وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته جيڪي اخبارون يا ٽي وي نيوز چينل صحافين کي برطرف ڪري رهيا آهن ۽ ڊمي طور اخبارون هلائي رهيا آهن، جن وٽ نه آفيس، رپورٽر ۽ اسٽاف آهي، انهن جي لسٽ ٺاهي سندن سرڪاري اشتهار بند ڪيا وڃن، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير فوري طور انفارميشن سيڪريٽري سنڌ سان فون تي رابطو ڪري دنيا اخبار ۽ ٻين اخبارن جي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ان جو ڪو به جواز ناهي ته جيڪي اخبارون پنهنجي 80 سيڪڙو صحافين کي برطرف ڪن ۽ اخبارن کي ڊمي ڪري هلائن ۽ سنڌ حڪومت کان به اشتهار وٺن، انهن کي اشتهار نه ملڻ گھرجي. هن انفارميشن سيڪريٽري سنڌ کي چيو ته هو ان معاملي تي ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪندا، سنڌ جي نگران وڏي وزير نگران سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مرتضي سولنگي سان ان مسئلي تي رابطو ڪرڻ جو به يقين ڏياريو.