استعمال ٿيل انجڻ آئل مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف،2 گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس سعيد آباد ۾ جعلي آئل فيڪٽري تي ڇاپو هڻي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد انڪشاف ٿيو آهي ته استعمال ٿيل انجڻ آئل کي ٻيهر مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي،  ضلعي ڪياماڙي  ۾ ٿاڻي جي مدينه ڪالوني پوليس سعيد آباد ۾ ڇاپو هنيو ۽ ڪارروائي  جي نتيجي ۾ جعلي آئل ٺاهڻ وارن ٻن ڄڻن  کي گرفتار ڪري ورتو پوليس واقعي واري هنڌ ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ استعمال ٿيل آئل صاف ڪري ٻيهر مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويندو هو .

سائفر ڪيس: پراسيڪيوشن جي ان ڪئميرا ٻُڌڻي جي استدعا رد

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت جي درخواست ۾ پراسيڪيوشن جي ان ڪئميرا ٻُڌڻي جي استدعا رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت  مان جاري ٻن صفحن جي حڪم نامي ۾ عدالت جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ان ڪئميرا ٻُڌڻي جي استدعا ڪئي.

محمود الرشيد جي جڊيشل رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ

لاهور(م ڊ)لاهور جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري خاص عدالت 9 مئي تي ڪنٽينر ساڙڻ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمود الرشيد جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج عبهر گل ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. پوليس جوڊيشل ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

توشا خانه تحفا: اليڪشن ڪميشن جواب ڇو داخل ناهي ڪرايو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ توشه خانه تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪندڙ سياستدانن ۽ پارليامينٽ ميمبرن خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست  تي اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏيندي ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راحيل ڪامران مقامي وڪيل نديم سرور جي داخل درخواست تي اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ڪئي. عدالت اليڪشن ڪميشن کان پڇاڻو ڪيو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود جواب ڇو ناهي جمع ڪرايو ويو؟ درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن ٻئي اسيمبلي ميمبر خلاف شڪايت داخل ناهي ڪئي، تحفا وٺڻ ۽ ظاهر نه ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف هڪجهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، استدعا آهي ته عدالت توشه خانه جا تحفا ظاهر نه ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏئي

 مدد علي سنڌي پاران اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس

اسلام آباد(م ڊ)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ميرپورخاص ۾ پيٽرول پمپ تان ڦر، مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ٽنڊو آدم روڊ تي پي سي بي گرائونڊ لڳ نامعلوم هٿياربندن پيٽرول پمپ تي ڪاھ ڪري هٿيارن  جي زور تي پيٽرول پمپ جي  عملي ۽ گراهڪن کي يرغمال بڻائي هزارين روپيا روڪ ۽ 7 موبائيل فون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي پيٽول پمپ جي مئنيجر نندڪمار کي گولي هڻي جڏھن ته هڪ گراهڪ نعيم خاصخيلي کي پسٽل جا بٽ ھڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس زخمي مئنيجر کي علاج لاءِ سول اسپتال پهچائي ڦورن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.