اسلام آباد (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خالي جنرل ۽ مخصوص سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، پولنگ 5 نومبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ جي ضلعن جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، مٽياري، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، دادو، بدين، سجاول، ٺٽو، ملير، ڪورنگي ڪراچي، ڪراچي ايسٽ، ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ويسٽ، ڪراچي سينٽرل ۽ ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾ مختلف خالي ان ڊائريڪٽ سيٽن تي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو آهي.