ميرپورماٿيلو/ پنوعاقل (نمائندن وٽان) پني عاقل جي عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ مٿان تشدد ۽ جوابدار آزاد ٿيڻ خلاف ميرپورماٿيلي ۽ پني عاقل ۾ صحافين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ميرپورماٿيلي ۾ صحافين پاران پني عاقل جي عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ مٿان حملو ڪري تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪري نصرالله گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، صحافي اسد پتافي نصرالله گڏاڻي، لطيف وسير ۽ ٻين چيو تھ صحافين کي يرغمال بڻائي مٿن تشدد ڪرڻ جو ڪيس پني عاقل ٿاڻي تي 9 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ھئڻ باوجود پنوعاقل پوليس پاران ڪيس ۾ گھربل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد کين آزاد ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او پني عاقل کي ھٽائي صحافي رستم انڍڙ مٿان حملو ڪندڙ غنڊن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته پني عاقل ۾ تشدد جو نشانو بڻايل عوامي آواز جي رپورٽر رستم انڍڙ ۽ ڪيمرامين انور علي جتوئي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين عوامي ميڊيا سينٽر پنوعاقل آڏو احتجاج ڪيو، قلم ڌڻين چيو ته صحافي ۽ ڪيمرامين مٿان دوران رپورٽگ ڪرڻ جي سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ در محمد ٿھيم ۾ جوابدارن يرغمال بڻائي سخت تشدد ۽ تذليل ڪرڻ جي جوابدارن مٿان ڪيس ته داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران وانگارو بڻجي ٻن پڪڙيل جوابدارن کي به ڇڏي ڏنو آهي، صحافين خلاف ظلم بند ڪيو وڃي، مقامي وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.